SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مٿانهين سياست- غير معمولي سياست


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مٿانهين سياست- غير معمولي سياست

High Politics

هاءِ پاليٽڪس

مٿڀري سياست/ غيرروايتي سياست ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سرد جنگ جي دوران سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ روزبروز وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ٻن طاقتور نيوڪليائي ٽيڪنالاجي رکندڙ ملڪن وچ ۾ جهيڙي سميت سيڪيورٽي ۽ دُنيا جي سالميت لاءِ تمام گهڻا خطرا کڻي آئي. اهڙن انتهائي سنگين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاليسي جوڙيندڙ حلقن طرفان”هاءِ پالٽڪس“ جي اصطلاح کي استعمال ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته اهڙن مسئلن جي حل لاءِ روايتي سياسي سرگرمين بجاءِ غير روايتي طريقا استعمال ڪندي ”هاءِ پالٽڪس“ کي طاقتور مُلڪن جي پرڏيهي پاليسي ءَ ۽ سلامتي لاءِ ٺاهيل گهڻ رُخين پاليسين جو حصو بڻايو ويو. اهڙي طرح سوويت يونين ۽ آمريڪي معاملن کان سواءِ دُنيا ۾ وقت بوقت اُٿندڙ سنگين مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ، هن قسم جي سياست جي ضرورت پوي ٿي. جيئن پاڪستان کي آمريڪا ۽ يورپ طرفان مذهبي شدت پسنديءَ خلاف شروع ڪيل جنگ (War on Terror) ۾ گهڻن تحفظات کان پوءِ به شريڪ ٿيڻو پيو ۽ هن جاکوڙ ۾ سڄي دنيا جو ساٿ ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجي وِت کان مٿانهين سياست High Politics جو حصو ٿيڻو پيو. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ برطانيه جڏهن پنهنجي بيٺڪن کي آزادي ٿي ڏني، ته اُن ”هاءِ پاليٽڪس“ جي اصول تحت قائم ڪيل بيٺڪن جي ورهاست ۽ سندن خودمختياري عمل ۾ آندي. جنهن جو هڪ مثال ڀارت ۽ پاڪستان جي نئين سرحد بندي ڪرڻ به آهي. آمريڪا ۽ اولهه يورپ جڏهن ڪميونزم جي خاتمي لاءِ خطي ۾ ڀرپور ڪوششون ورتيون، ته انهن به سياست جي هن تصور کي ئي استعمال ڪيو. عام طرح سان ”هاءِ پاليٽڪس“ کي ڪنهن مسئلي جي مستقل حل لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪو ملڪ هن نظريي کي جڏهن فقط پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري ٿو، ته ان عمل سان انهيءَ ملڪ تي ٻين ملڪن جو اعتبار گهٽجي وڃي ٿو ۽ عالمي برادري ان جي هر تحرڪ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڪيترين رياستن ۾ ملڪي سالميت يا يڪجهتيءَ جي لحاظ کان به ”هاءِ پاليٽڪس“ جي اصول جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته عوام لاءِ پرُ امن ماحول جي بحالي ۽ سندس سلامتيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ مُلڪي سياست ۾ طئه ڪيل ترجيحن ۽ روين کي تمام باريڪ بينيءَ سان جاچيو ويندو آهي ۽ هر اهو رستو يا طريقو، جنهن ۾ ملڪ جي لاءِ ڪنهن قسم جا خطرا موجود هجن، انهيءَ کي ملڪي پاليسين جي جوڙجڪ کان ٻاهر رکي، پنهنجي پروگرام کي تبديل ڪيو ويندو آهي


Remember Me Also:

گهوڙن جو گهير

تمام پري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal